اسلام آباد -31 آگسٽ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ دي ڊپلوميٽ رسالي ۾ چين ??ي اعليٰ سطحي وفد جو دورو پاڪستان جي حوالي سان شايع ٿيل آرٽيڪل کي غلط، بي بنياد ۽ گمراهه ڪ??دڙ قرار ڏيندي چيو آهي، ته رسالي پنهنجي آرٽيڪل ۾ پاڪستان جي پراڻي دوست چين ??ان لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ دي ڊپلوميٽ رسالي جي شايع ٿيل آرٽيڪل تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي تي اهڙي طرح جا حملا ڪامياب نه ٿيندا. آرٽيڪل ۾ ڏنل تاثر بي بنياد ۽ گمراهه ڪ??دڙ آهي جيڪو پاڪستان جي عوام جي جذبن جي عڪاسي نٿو ڪري. ٻئي طرف سڌ سماءَ واري وزارت جي فيڪٽ چيڪر به دي ڊپلوميٽ رسالي ۾ چين ??ي اعليٰ سطحي وفد جي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان شايع ٿيل آرٽيڪل کي گمراهه ڪ??دڙ ۽ بي بنياد قرار ڏنو. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته آرٽيڪل ڪوڙ ۽ حقيقتن کان هٽي ڪري لکيو ويو آهي. پرڏيهي شخصيتن جو دورو پورو سال جاري رهي ٿو، ڄاڻايل آرٽيڪل ۾ چين ??ي اعليٰ سطحي وفد جو دورو ۽ دهشتگردي جي واقعن وچ ۾ گمراهي پکيڙي??دڙ ربط پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هي آرٽيڪل گمراهه ڪ??دڙ ۽ بي بنياد آهي.