اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) موٽر ويز ۽ جي ٽي روڊ تي حادثن جي روڪ ٿام ۽ مسافرن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ اهم قدمن تحت مواصلات واري وفاقي وزير ??بد العليم خان نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کان روزانو جي ??ني??د تي حادثن جي ڊيٽا طلب ڪري ورتي آهي. مواصلات واري وزارت پاران جاري پڌرائي مطابق موٽرويز تي ٽريفڪ حادثن جي زخمين لاءِ 1122 سان گڏ هيلي ڪاپٽر سروس جي فراهمي شروع ڪرڻ تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي. مواصلات واري وفاقي وزير ??بد العليم خان چيو ته سڄي ملڪ ۾ شهرين لاءِ موٽر ويز ۽ جي ٽي روڊ کي وڌ کان وڌ محفوظ هجڻ گهرجي. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ شارٽ ۽ لانگ ٽرم پاليسيون لاڳو ڪيو وڃن. مواصلات واري وفاقي وزير ??ين ايڇ اي سان مالي استحڪام لاءِ ايندڙ 5 سالن جو ايڪشن پلان طلب ڪندي چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي سرڪاري فنڊن جي استعمال بدران قابل عمل منصوبن تي ڪم ڪري. هن اين ايڇ اي کي ن??شنل ??را??سپورٽ پاليسي جي تياري جو پڻ ??اسڪ ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته اين ايڇ اي موٽر ويز تي ٽرڪن جي وڊيو سرويلنس يقيني بڻائي. ايڪسل لوڊ ڊي روڊ تي لاڳو ڪيو وڃي ۽ فريٽ اينڊ لاجسٽڪ پاليسي تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. وفاقي وزير ??ين ايڇ اي کي ٽال ٽيڪس گڏ ڪرڻ لاءِ جديد مڪينزم اختيار ڪرڻ جي پڻ ??دايت ڪئي.