اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمنه ب??وچ سان آفريقي سفيرن پرڏيهي وزارت ۾ گڏيل ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان آفري??ا دوستي جي موضوع تحت وڻڪاري جي خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري پڌرائي موجب پرڏيهي سيڪريٽري آمنه ب??وچ پرڏيهي وزارت ۾ آفريقي کنڊ جي 14 سفيرن جي آجيان ڪئي. اها ملاقات حڪومت جي ”انگيج آفريقا پاليسي“ موجب پرڏيهي وزارت جي آفريقا سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. پاڪستان جا آفريقا کنڊ ۾ 19 سفارتي مشنز آهن، جڏهن ته 14 آفريقي مشنز اسلام آباد ۾ قائم آهن. ان موقعي تي پاڪستان آفري??ا دوستي جي موضوع تحت وڻڪاري جي خصوصي تقريب منعقد ٿي. وزارت جي لان ۾ وڻڪاري کانپوءِ سفيرن پرڏيهي سيڪريٽري سان گڏيل ملاقات ڪئي. جنهن ۾ هن پنهنجي ترجيحن ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي اهم رخن جو خاڪو پيش ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري آمنه ب??وچ پاڪستان ۽ آفريقا جي وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن تي روشني وڌي ۽ اسلام آباد ۾ مقرر آفريقي سفيرن جي تعاون کي ساراهيو. هن ??خت??ف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ اعليٰ سطح جي سياسي لاڳاپن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين جي وچ ۾ واپار جي ماپي ۾ گذريل چئن سالن ۾ 75 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جنهن ۾ وڌيڪ اضافي جي گنجائش موجود آهي. سلطنت مراڪش جي سفير ۽ آفريقي ڊپلوميٽڪ ڪور جي ڊين محمد ڪارمون ان موقعي تي مٽاسٽا جي گڏيل خيالن جو موقعو فراهم ڪرڻ تي پرڏيهي سيڪريٽري جا ??ورا مڃيا ۽ وڻڪاري جي بي مثال تقريب کي ساراهيو.