ماسڪو _ 3 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڙپڪاري، نجڪاري ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته روس ??ان ٻه طرفي ڪاروباري شراڪت داري ۽ ٻين وڌيڪ م??صوبن ۾ گڏيل ??هڪار جا خواهشمند آهيون . پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن . انهن خيالن جو اظهار هن روس ??ي نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ سان ملاقات دوران ڪيو. وزارت جي جاري بيان مطابق ملاقات جي موقعي تي روس ۾ پاڪستان جو سفير خالد جمالي ۽ ٻيون سينيئر اختياريون پڻ وفاقي وزير سان گڏ هيون. ملاقات ۾ روس ??و ٽرانسپورٽ وارو وزير رومان اسٽار اووت ۽ صنعت ۽ واپار وارو نائب وزير اليڪسي گروز دوف پڻ شامل هو. وفاقي وزير عبدالعليم خان روس ??ي نائب وزيراعظم اليڪسي اوور چڪ سان ٿيل ملاقات ۾ گڏيل ??لچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون. جنهن ۾ تاپي گيس رٿا، ٻه طرفو واپار، مواصلات جي ذريعن ۽ پاڪستان، ايران، آذربائيجان ۽ روس ??ائين ڄاڻايل واپاري راهداري ۽ ريلوي ٽريڪ جي تعمير تي پڻ ڳالهيون ٿيون. روس ??ي نائب وزيراعظم ۽ وفاقي وزير مواصلات جي شعبي ۾ سهڪار تي پڻ ڳالهيون ڪيون. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ روس وچ ۾ واپاري، معاشي ۽ ٻه طرفي سهڪار جي مختلف ڳالهين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان ۽ روس وچ ۾ نومبر 2022ع ۾ ٿيل ??نٽر نيشنل روڊ ٽرانسپورٽ معاهدي تي غور ڪيو ويو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته روس ??ان ٻه طرفي ڪاروباري شراڪت ۽ ٻين وڌيڪ م??صوبن ۾ گڏيل ??هڪار جا خواهشمند آهيون. ماسڪو جيواپاري برادري سان ڳالهيون پڻ فائديمند رهيون. هن چيو ته واپار جي حوالي سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن جن مان فادو کڻڻ جي ضرورت آهي . هن وڌيڪ چيو ته ماسڪو ۾ پهرين پاڪ – روس ??زنس اينڊ انويسٽمينٽ فورم منعقد ڪرڻ سان مثبت نتيجا نڪرندا.