اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي وطن پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل احمد نواز خان جدون چيو آهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم(ايس سي او) اجلاس جي موقعي تي پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان اسلام آ??اد ۾ احتجاج جو سڏ ڏيڻ انتشار پکيڙڻ جي برابر آهي. ڇنڇر ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پرامن احتجاج هر سياسي پارٽي جو حق آهي جڏهن ته وقت جي نزاڪت جو اد??اڪ به ضر??ري آهي، ايس سي او اجلاس جي موقعي تي اسلام آ??اد ۾ احتجاج جو سڏ ڏيڻ انتشار پکيڙڻ جي برابر آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف کي پنهنجي ڏنل سڏ تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، بار بار احتجاج جي سڏ سان هاڻي عوام به پريشان ٿي وئي آهي.