اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي سهڪار تنظيم اجلاس جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ملڪن جا نمائندا اسلام آباد پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. پرڏيهي مهمانن جي آجيان لاءِ رنگ برنگي بتين، گلن ۽ ??يس سي او ملڪن جي جهنڊن ۽ بينرن شهر جي رونق وڌائي ڇڏي آهي. ايل اي ڊي ڊسپلي اسڪرينون اسلام آباد جي مرڪزي چؤڪن تي لڳايون ويون آهن. سڄي شهر جي اهم هنڌن کي رنگ برنگي بتين ۽ پاڪستاني جهنڊن سان سجايو ويو آهي. چين جي اسٽيٽ ڪائونسل جي وزيراعظم لي چيانگ هڪ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ سومر ڏينهن گاديءَ واري هنڌ پهتو هو. شنگهائي سهڪار تنظيم جي ٻي اعليٰ ترين فورم ??يس سي او سي ايڇ جي جي ٻن ڏينهن واري اجلاس جي صدارت وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪائونسل جي موجوده چيئرمين جي حيثيت سان ڪندو. سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن ۾ چين جو وزيراعظم ۽ اسٽيٽ ڪائونسل لي چيانگ، بيلاروس جو وزيراعظم رومن گولوو چينڪو، قزخستان جو وزيراعظم اولز هاس بيڪتا نوف، روس جو وزيراعظم ميخائل ميشوسٽن، تاجڪستان جو وزيراعظم ڪُهر رسول زاده، ازبڪستان جو وزيراعظم عبدالله عاريفوف، ڪرغزستان جي وزيرن جي ڪابينه جي چيئرمين ظفروف ??قيل بيڪ، ايران جو اول نائب صدر محمد رضا عارف ۽ ڀارت جو پرڏيهي وزير سبرامنيم جئه شنڪر شامل آهن. ان کان علاوه منگوليا هڪ مبصر رياست طور تي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي جنهن جي نمائندگي وزيراعظم اويون اردين لويسنا مسرا??ي ڪري رهيا آهن. ترڪمانستان جي مهمان طور خاص نمائندگي ترڪمن وزيرن جي ڪابينه جي نائب چيئرمين راشد مريدوف ڪري رهيا آهن. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ٻين اهم شخصيتن ۾ ??يس سي او جو سيڪريٽري جنرل زانگ منگ، ڊائريڪٽر ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ??يس سي او ريجنل اينٽي ٽيررسٽ اسٽرڪچر رسلان مرزايوف، بورڊ آف ??يس سي او بزنس ڪائونسل جو چيئرمين عاف اڪرام شيخ ۽ ڪائونسل آف ??يس سي او انٽر بئنڪ يونين جو چيئرمين مارات يلي بائوف ??امل آهن. شنگهائي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن جي حڪومتي نمائندن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ معيشت، واپار، ماحوليات ۽ سماجي ۽ ثقافتي رابطن ??ي شعبن ۾ جاري تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ تنظيم جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. شنگهائي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن جا اڳواڻ گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ تنظيم جي بجيٽ جي منظوريءَ لاءِ اهم تنظيمي فيصلا ڪندا.