اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني غذائي تحفظ جي اهميت ۽ هر ماڻهوءَ کي مناسب ۽ غذائيت سان ڀرپور خوراڪ تائين پهچ کي يقيني بنائڻ ??اءِ جٽادار طريقن جي ضرورتن کي اختيار ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. ڪالهه سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان موجب خوراڪ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته هي ڏينهن اس??ن جي ڪميونٽيز ۾ بُک ۽ عذائيت جي کوٽ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اس??ن جي گڏيل ذميداريءَ جي ياد پنهنجن آبادگارن جي مدد ۽ ماحول جي حفاظت ڪندڙ جٽادار زرعي طريقن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي، انهن شعبن جي بهتري??َ لاءِ اس??ن کي گڏجي هڪ مفيد خوراڪ جو نظام بڻائڻو پوندو جيڪو نه صرف اس??ن جي ماڻهن جي بهترين پرورش ڪري پر اس??ن جو مستقبل به محفوظ بڻائي. سينيٽ چيئرمين خوراڪ جي زيان جي ازالي ۽ اهڙيون پاليسيون اختيار ڪرڻ تي زور ڀريو جن جي عيوض خوراڪ جي پيداوار ۽ معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. هن ايندڙ نسلن لاءِ معياري ۽ گهڻي خوراڪ جي پائيداري ۽ پهچ يقيني بنائڻ ??اءِ گڏيل ڪوششن تي پڻ زور ڀريو.