واشنگٽن-24 آڪٽوبر (اي پي پي)ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اور??گز??ب سان ريٽرنگ ايجنسي فچ جي وفد ملاقات ڪئي. ناڻي وزارت طرفان جاري بيان مطابق هن پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽرننگ کي سي سي سي کان سي سي سي پلس تائين اپ گريڊ ڪرڻ ??ي اداري جي تعريف ڪئي. ناڻي واري وزير پاڪستان جي معيشت جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني ۽ محصول ۾ واڌ، خرچن ۾ گهٽتائي، توانائي جي شعبي ۾ ٽيرف ۾ گهٽتائي ۽ نجڪاري جي تي?? تر پروگرام جي حوالي سان جاري قدمن کي اجاگر ڪيو . هن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته حڪومت وٽ موجوده سال جي پرڏيهي قرضن جي ادائي??ي لاءِ ذخيرا وڏي مقدار ۾ موجود آهن.