راولپنڊي-29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان روسي فيڊريشن جي نائب دفاع واري وزير ڪرنل جنرل اليگزينڊر وي فومين جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد ايئر هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي سهڪار ۽ صنعتي ڀائيواريءَ کي هٿي وٺرائڻ ??ي ڌيان ڏنو ويو، جڏهن ته گڏيل فوجي مشقن ۽ پاڪ فضائيه جي اوزارن جي فني معاونت ذريعي موج??ده لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جا نوان موقعا تلاش ڪيا ويا. آءِ ايس پي آر موجب ايئر چيف روس سان فوجي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ تي زور ڀريندي گڏيل تربيتي پروگرامز، فوجي مشقن ۽ صنعتي ڀائيواريءَ جي اهميت کي اجاگر ??يو. ڪرنل جنرل ايگزينڊر وي فومين موج??ده قيادت تحت پاڪ فضائيه ۾ ٿيل تازي شاندار اڳڀرائيءَ کي ساراهيو. هن پاڪستان سان موج??ده دفاعي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ??ي عزم جو اظهار ڪندي فوجي لاڳاپا ۽ پاڪ فضائيه جي اوزارن جي فني معاونت جي فراهم?? جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي.