اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن ??اري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ پاڪستان جي بيلو اڪانومي کي مضبوط بنائڻ لاءِ اسٽريٽجڪ شراڪتداريءَ تي زور ڀريو آهي. گذريل ڏينهن هن نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ميري ٽ??ئم افيئرز جو دؤرو ڪي?? جنهن ۾ سامونڊي معاملن ??اري وزارت ۽ اين آءِ ايم اي وچ ۾ وڌ کان وڌ سهڪار جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو ته جيئن پاڪستان جي سامونڊي شعبي ۽ ملڪ جي بليو اڪانومي ۾ ترقيءَ کي اڳتي و??ائ?? سگهجي. وفاقي وزير ايڪوڪلچر، گرين شپنگ، ميري ٽ??ئم ٽوئر ازم ۽ گرين شپ ري سائڪلنگ جهڙن اهم سامونڊي شعبن کي اڳتي وڌائڻ ۾ گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير دؤري دوران ميري ٽ??ئم پاليسي جوڙڻ، تحقيق ڪرڻ ۽ پاڪستان جي سامونڊي مفادن کي اڳتي وڌائڻ ۾ اين آءِ ايم اي جي ڪردار بابت تفصيلي بريفنگ حاصل ڪئي. بريفنگ ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته پاڪستاني سامونڊي معيشت ان وقت ملڪي جي ڊي پي جي 0.2 سيڪڙو کان به گهٽ نمائندگي ڪري رهي آهي جيڪا 8-10 سيڪڙو جي عالمي معيار جي بلڪل ابتڙ آهي. اين آءِ ايم اي جي حڪومتي، قومي ۽ عالمي شراڪتدارن سان جاري حصيداريءَ کي به سامونڊي شعبي ۾ ترقيءَ کي تيز ڪرڻ لاءِ ضروري قرار ڏنو ويو. بريفنگ ۾ بليو اڪانومي جي مختلف پهلوئن بابت مختلف ??مڪانن جي ڳولا جو جائزو ورتو ويو ۽ ملڪ جي سامونڊي وسيلن کي ڪتب آڻڻ لاءِ هڪ اثرائتي قومي ايڪشن پلان جي فوري ضرورت جي نشاندهي ڪئي وئي. وفاقي وزير ميري ٽ??ئم جي سمورن شعبن ۾ پائيدار ترقيءَ لاءِ مستقبل جو روڊ ميپ ق??ئم ڪرڻ لاءِ سامونڊي معاملن ??اري وزارت ۽ اين آءِ ايم اي ۽ ٻين ميري ٽ??ئم اسٽيڪ هولڊرن وچ ۾ اثرائتي ڪوششن جي اهميت تي زور ڀريو.