اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته وياج جي شرح ۾ گهٽتائي سان ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين، روانگي واپار ۽ روزگار جي موقعن ۾ اضافو ٿيندو، حڪومت پاڪ??تا?? ۾ سيڙپڪاري جي سهولت ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، اهڙا ماڻهو جيڪي ٽيڪس ڏيڻ جي اهل هجڻ جي باوجود ٽيڪس چوري ڪن ٿا ۽ آفيسر جيڪي ان??ن جي چوري ۾ مدد ڪن ٿا ان??ن جي خلاف گهيرو تنگ ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظ?? محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو. وزيراعظ?? محمد شهباز شريف چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم ۽ توهان سڀني جي ڪوششن سان پاڪ??تا?? جي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي، اسٽيٽ بئنڪ به وياج جي شرح ۾ 250 پوائنٽس جي گهٽتائي ڪري ڇڏي. هن چيو ته 250 پوائنٽس جي گهٽتائي سان وياج جي شرح 17.5 سيڪڙو کان 15 سيڪڙو تي اچڻ خوش آئنده آهي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي سان ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين، روانگي واپار ۽ روزگار جي موقعن ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 7 سيڪڙو تي اچي وئي، قومي ۽ عالمي ادارا ملڪي معيشت جي استحڪام جي گواهي ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ انتشار ڦهلائڻ ۽ ملڪ کي ڏيوالپڻي جي ويجهو پهچائيندڙن جا ناپاڪ منصوبا ناڪام ٿيا، ملڪ جي بقاءَ جي خاطر پنهنجي سياست جي قرباني ڏيندڙن کي تاريخ سدائين سٺن لفظن ۾ ياد رکندي. هن چيو ته مورخ جڏهن تاريخ لکندو ته واضح طور تي ملڪ جي خيرخواهن ۽ آءِ ايم ايف کي قرض ڏيڻ کان روڪڻ جي لاءِ خط لکندڙن بابت لکندو، توهان سڀ اهي عظيم ماڻهو آهيو جن پنهنجي سياست جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ 24 ڪروڙ ع??ام بابت سوچيو، سعودي عرب جي تازي دوري ۾ پاڪ??تا?? سعودي سيرپڪاري حصيداري ۾ نئين باب جو اضافو ٿيو. هن چيو ته فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ۾ سعودي قيادت خاص طور تي ولي عهد محمد بن سلمان سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، سعودي عرب پاڪ??تا?? جو پراڻو دوست ۽ حصيدار آهي، سعودي قيادت پاڪ??تا?? جي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ هر قسم جي مدد جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته سعودي عرب جي پاڪ??تا?? ۾ تازي سيڙپڪاري جو ڪاٿو 2.2 ارب ڊالر مان وڌي 2.8 ارب ڊالر ٿي ويندو، پنهنجي قطر جي دوري دوران قطري قيادت پڻ پاڪ??تا?? ۾ سيڙپڪاري جي اضافي جي خاطري ڪرائي، پاڪ??تا?? ۾ قطري سيڙپڪاري جي 3 ارب ڊالر کي منصوبن جي شڪل ڏيڻ جي ڳالهه ٿي، قطر پاڪ??تا?? جي هوابازي، هوٽلنگ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ توانائي سميت ٻين مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪندو، حڪومت پاڪ??تا?? ۾ سيڙپڪاري جي سهولت ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا?? جي هر شعبي ۾ سڌارن جي ايجنڊا لاڳو ڪري رهيا آهيون، ايف بي آر کي هدايت ڪئي آهي ته اهڙا ماڻهو جيڪي ٽيڪس ڏين ٿا اهي پاڪ??تا?? جا سفير آهن، ان??ن جي تڪريم ڪئي وڃي، اهڙا ماڻهو جيڪي ٽيڪس ڏيڻ جي اهل هجڻ جي باوجود ٽيڪس چوري ڪن ٿا ۽ آفيسر جيڪي ان??ن جي چوري ۾ مدد ڪن ٿا ان??ن جي خلاف گهيرو تنگ ڪيو وڃي. اجلاس ۾ پارلياماني پارٽي کي قومي اسيمبلي ۾ مجوزه قانونسازي جي بل جي حوالي سان پڻ اعتماد ۾ ورتو ويو.