اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف احتجاج جي لاءِ آيل م??اهرين جي هٿان پوليس اهلڪار جي شهادت جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي ۾ ملوث عنصرن جي فوري نشاندهي ڪ??ي انهن کي سخت سزا ڏيارڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪانسٽيبل م??شر شهيد جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ ان جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم واقعي ۾ ملوث عنصرن جي فوري نشاندهي ڪ??ي انهن کي سخت سزا ڏيارڻ ۽ احتجاج دوران پٿراءُ ۽ تشدد جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙ پوليس اهلڪارن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪ??ڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته نام نهاد پرامن احتجاج جي نالي تي پوليس اهلڪارن تي حملو مذمت جوڳو آهي، پوليس اهلڪار ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪ??ر امن امان قائم ڪ??ڻ جي لاءِ ڊيوٽي تي مقرر آهن. وزيراعظم چيو ته 9 مئي تي ملڪ گير فساد برپا ڪندڙ هڪ ڀيرو ٻيهر پرتشدد ڪارروايون ڪري رهيا آهن، 46 سالن جي شهيد ڪانسٽيبل م??شر جي ننڍڙي عمر جي ٻارن جي دنيا شرپسند عنصرن جي هٿان اجڙي وئي. وزيراعظم چيو ته جڏهن جڏهن ملڪ ترقي جون منزلون طئي ڪ??ڻ لڳي ٿو، شرپسند عنصر سڄي ملڪ ۾ جلاءُ گهيراءُ شروع ڪري ڇڏين ٿا، مون سميت پوري قوم ڪ??نسٽيبل م??شر شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته ڪانسٽيبل م??شر هڪ اهڙي گروهه جي هٿان شهيد ٿي?? جيڪو ملڪي ترقي جو دشمن آهي، نام نهاد امن پسند احتجاجين جو پوليس اهلڪارن کي زخمي ۽ شهيد ڪرڻ جو عمل م??مت جوڳو آهي.