اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو آه?? ته پيپلز پارٽي جو عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ هڪ محفوظ ۽ برابري جي بنياد تي معاشرو جوڙڻ جي حوالي ??ان تمام واضح مؤقف آه??، پ پ عورتن خلاف هر قسم جي تشدد جي خاتمي جي جدوجهد جاري رکندي. ڪالهه عورتن خلاف تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اڄ سڄي دنيا ۾ عورتن خلاف تشدد جي خاتمي جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، عورتن خلاف تشدد صرف هڪ فرد جو ذاتي مسئلو ناهي پر هڪ سماجي مسئلو آه?? جيڪو برابري ۽ انصاف جي بنيادي اصولن کي نقصان پهچائي ٿو. سينيٽر شيري رحمان چيو ته پ پ جو عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ هڪ محفوظ ۽ برابري جي بنياد تي معاشرو ڏيڻ جي حوالي ??ان تمام ئي واضح مؤقف آه??، ا??ان هميشه ان مسئلي جي حل لاءِ آگاه??، وڪالت ۽ قانونسازي ذريعي اهم قدم کنيا آه??، ان سلسلي ۾ غيرت جي نالي تي (ڪرمنل لاز ترميمي ايڪٽ)، ڪم جي جاءِ تي عورتن کي هرا??ان ڪرڻ خلاف تحفظ ايڪٽ جي منظوري هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿا، ان کان علاوه سينيٽ ننڍپڻ ۾ شادي تي پابندي جي بل جي منظوري ڏني، اهي قانون پاڪستاني معاشري ۾ رائج انهن سماجي روين کي چئلينج ڪرڻ جي اهم ڪوشش آه?? جيڪي عورتن خلاف تشدد کي هٿي ڏين ٿا، جڏهن ته اهو سفر اڃا ختم ناهي ٿ??و. ??ن چيو ته گهريلو تشدد، هرا??ان ڪرڻ، زبردستي شادي ۽ انساني اسمگلنگ جهڙن مختلف قسمن جي صنفي تشدد پاڪستان ۾ لکين عورتن کي متاثر ڪيو آه??، ا??ان کي روايتي روين جي خاتمي لاءِ وڌي?? ڪم ڪرڻ آه??، جيڪو عورتن خلاف تشدد جو معمول بڻائين ٿا، اڄ جي ڏينهن سمورن پاڪستانين کي اپيل ڪريان ٿي ته عورتن تي تشدد خلاف گڏ ٿي آواز اُٿارين، پ پ عورتن خلاف هر قسم جي تشدد جي خاتمي جي پنهنجي جدوجهد جاري رکندي.