اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گلگت بلتست??ن جي گهانچي جهڙي ڏورانهن علائقي ۾ اعليٰ تعليم جي اداري رمدي يونيورسٽي جو قيام انتهائي خوش آئنده آهي، گلگت بلتست??ن جي ترقي ۽ ات??ن جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان ۾ ٿاگوس، ضلعي گهانچي وٽ قائم ڪئي ويندڙ رمدي يونيورسٽي جي پيڙه?? جو پٿر رکڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پيڙه?? جو پٿر رکڻ واري تقريب اسلام آباد ۾ منعقد ٿي. رمدي يونيورسٽي هڪ ٽرسٽ تحت قائم ڪئي پئي وڃي. رمدي يونيورسٽي جي تعمير سمنڊ پار پاڪستانين سميت سڄي پاڪستان مان سرندي وارن ماڻهن جي تعاون سان مڪمل ٿيندي. ان کانسواءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف رمدي يونيورسٽي جي پيڙه?? جو پٿر رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جسٽس (ر) خليل الرحمان رمدي ۽ سندس سمورن ساٿين کي دل جي گهراين سان رمدي يونيورسٽي جي قيام جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، رمدي يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان تعاون ڪندڙ سمورن ادارن ۽ ماڻهن جون ڪوششون ساراه?? جوڳيون آهن. هن چيو ته اڄ اسان سڀ گڏجي هت??ن جي ٻارن ۽ ٻارڙين جي روشن مستقبل جو بنياد رکيو آهي، گلگت بلتست??ن جي گهانچي جهڙي ڏورانهين علائقي ۾ اعليٰ تعليم جي اداري جو قيام انتهائي خوش آئنده آهي. وزيراعظم چيو ته مون کي يقين آهي ته 11 هزار فٽ جي بلندي تي ٿاگوس وٽ قائم ٿيندڙ اها يونيورسٽي جديد علم ۽ تحقيق جي معيار جون بلند چوٽيون پار ڪندي، انشاءَ الله پاڪستان ۾ تعليم جي فروغ ۾ نجي شعبي جو ڪردار انتهائي اهم آهي، نجي تعليمي ادارن مان فارغ ٿيندڙ شاگردن هر شعبي ۾ پاڪست??ن جو نالو روشن ڪيو آهي. هن چيو ته گلگت بلتست??ن جي ترقي ۽ ات??ن جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، گذريل ڏينهن گلگت بلتست??ن جي دوري دوران ٻوڏ کان متاثر 62 خاندانن کي گهر حوالي ڪيا ويا آهن، گلگت بلتستان ۾ 100 ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبي جي شروعات ڪئي وئي جيڪو علائقي جي بجلي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. وزيراعظم چيو ته ڪالهه ئي گلگت بلتستان ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ جو اعلان ڪيو آهي جنهن سان گلگت بلتست??ن جا قابل ۽ مستحق شاگرد فائدو کڻي سگهندا ۽ معاشري جي تعميري ماڻهن جي طور تي پاڪست??ن جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهندا. تقريب ۾ جسٽس (ر) خليل الرحمان رمدي، رمدي يونيورسٽي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته رمدي يونيورسٽي گلگت بلتست??ن جي ضلعي گهانچي جي علائقي ٿاگوس ۾ 200 ڪينال ايراضي تي قائم ڪئي پئي وڃي، رمدي يونيورسٽي دنيا جي بلند ترين جاين تي تعمير ڪئي ويندڙ يونيورسٽين مان هڪ هوندي، يونيورسٽي ۾ ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي، هائيڊرولوجي، معدنيات سميت ٻين مضمونن جي تعليم ڏني ويندي. اسفنديار ولي رمدي اسڪول گهانچي جي شاگردن قومي ترانو پيش ڪيو. اسفنديار ولي اسڪول گهانچي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڊيو لنڪ جي ذريعي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.