اسلام آباد -26 نومبر (اي پي پي) صدرمملڪت آصف علي زرداري اسلام آباد ۾ مظاهرين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن وچ ۾ چڪرين جي نتيجي ۾ ق??متي حياتين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن اي??ان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر پوليس ۽ رينجرز تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي شهيد ٿيل سيڪيورٽي اهلڪارن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر مملڪ?? شهيد اهلڪارن جي بلند درجن ۽ پونئرن جي صبر لاء?? دع?? پڻ ڪئي.