اسلام آب??د-26 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڊي چؤڪ جو دؤرو ڪيو ۽ شهيد ملت چؤڪ تائين سيڪيورٽي انتظامين جو جائزو ورتو. گهرو وزير شرپسندن طرفان ٿيندڙ شيلنگ دوران شهيد ملت چؤڪ پهتو ۽ جوانن سان ملاقات ڪئي. گهرو وزير شيلنگ باوجود جوانن سان گڏ بيٺل رهيو ۽ سندن حوصلو وڌايو ۽ جوان مرديءَ سان شرپسندن جو مقابلو ڪرڻ جي تلقين ڪئي. هن رينجرز، ايف سي، اسلام آب??د ۽ سنڌ پوليس جي جوانن سان هٿ ملايو ۽ سندن جذبن کي ساراهيو. ڊيوٽيءَ تي موجود جوانن پاڪستان زندهه باد جا نعرا لڳايا. جوانن سان ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته اوهان سڀ پاڪستان جا سپاهي آه??و، ڏڦيڙ ڪندڙن سان اوهان قانون موجب مُنهن ڏنو آه??. جڏهن ته ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير چيو ته پي ٽي آءِ وارن ٻه ڀيرا سنگجاڻي وٽ احتجاج ڪرڻ تي تيار ٿيا هئا، ان مقصد لاءِ س??ز فائر ٿيو ۽ ان طرف ويندڙ رستا اسان کولي ڇڏيا. هن چيو ته هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ملڪ جا سربراهه مهمان طور موجود آه??، اها شيلنگ ۽ ڀڃ ڊاهه جا فوٽيج ڪنهن ٻئي جا نه ملڪ جي بدنامي آه??. مظاهرو ڪندڙ نه صرف هٿيار ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلن سان ليس آه?? پر وڏا وڏا پنکا به ساڻن اٿن جنهن جي مدد سان پوليس طرفان فائر ڪيل شيل جو دونهون پوليس طرف موڙي رهيا آه??. وفاقي وزير چيو ته هن وقت تائين 4 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد، ايس پي، 4 اي ايس پيز سميت 80 کان وڌيڪ اهلڪار زخمي ٿيا آه?? جنهن مان 10 جوانن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آه??. هن چيو ته آءِ جي اسلام آب??د پوليس کي مڪمل اختيار ڏنا آه??، هاڻ هو هر صورت ۾ مظاهرو ڪندڙن کي روڪيندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا 3 کان 4 قافلا کڻي آيا جي??ي گڏائي اسلام آب??د آيا، انهن ۾ 2 هزار تربيت ماڻيندڙ آه?? جن ??ي سُڃاڻپ ڪئي وئي آه??، پنجاب مان هڪ به ماڻهو ناهي آيو، سڀ جا سڀ ڪي پي ڪي جا آه??. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان ڪڏهن به اها دعويٰ نه ڪئي آه?? ته مظاهرو ڪندڙ ڊي چؤڪ نه پهچندا، هميشه اهائي ڳالهه ڪئي آه?? ته کين روڪينداسين. گهرو وزير چيو ته جيڪڏهن ڊي چؤڪ تي طاقت جو استعمال شروع ڪري ڇڏيون ته سڀ ڀڄي ويندا پر ان ۾ جاني نقصان ٿي سگهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪ فوج جي ذميداري پاڪستان ۾ موجود پرڏيهي سربراهن ۽ سندن وفد، ريڊ زون ۽ اهم عمارتن ??ي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ آه??. ان موقعي تي آءِ جي اسلام آب??د سيد علي ناصر رضوي، چيف ڪمشنر محمدعلي رنڌاوا، ڊپٽي ڪمشنر عرفان نواز ميمڻ به ساڻس گڏ هئا.