اسلام آباد- 10 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پي ٽي آءِ باني ک?? خيبرپختونخوا منتقل ڪرڻ جي ??رخواست رد ڪري ڇڏي. غير ضروري قانوني تدارڪ جي ??وصله شڪني ۽ عدالتن کي سياست ۾ گهلڻ تي سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ بانيءَ کي اڊيالا جيل کان خيبرپختونخوا منتقل ڪرڻ جي ??رخواست رد ڪندي درخواستگذار تي 20 هزار رپيا ??نڊ لاڳو ڪري ڇڏيو. جسٽس امين الدين خان جي ??ربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ گذريل ڏينهن پرنسپل سيٽ تي درخواست جي ٻُڌڻي ڪئي. بينچ جي ٻين ميمبرن ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس نعيم اختر افغان، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس شاهد بلال حسن شامل هئا. عدالت درخواست کي غير ضروري ۽ غير لاڳاپيل قرار ڏيندي درخواستگذار عبدالقيوم خان تي 20 هزار رپيا ??نڊ مڙهي ڇڏيو. درخواستگذار عدالت آڏو دليل ڏنا ته هو عظيم قومي مفاد ۾ درخواست کڻي سپريم ڪورٽ آيو آهي. جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا ته توهان جو ان معاملي سان ڪو تعلق ناهي. جسٽس جمال خان مندوخيل درخواستگذار کي مشورو ڏنو ته هو پا??ليامينٽ ۾ وڃي ۽ قوم جي ??دمت ڪري ڇاڪاڻ ته هي پاليسيءَ جو معاملو آهي.