اسلام آباد – 29 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ چين جي تعاون تي ٿ??رائتا آهيون جنهن ضروري طبي س??مان جي فراهمي س??ن گڏوگڏ پنهنجا تجربا اسان سان شيئر ڪيا، پاڪستاني شهرين جي لاءِ چين جي امداد کي س??راهيون ٿا، چيني ڊاڪٽرن جو اچڻ اهم آهي ڇو ته پاڪستان ڪرونا وائرس جي مريضن جي سارسنڀال جي لاءِ طبي عملي جي تربيت شروع ڪري رهيو آهي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تحت صحت جا شعبا به هڪ ٻئي س??ن تعاون جاري رکند??، اميد آهي ته پاڪستان جا طبي ماهر چيني ڊاڪٽرن کان وبا کي روڪڻ جي لاءِ انهن جي تجربن مان سکندا.