اسلام آباد – 11 جون (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ جي باني ميمبر ڊاڪٽر اعجاز احسن جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي پارٽي جي لاءِ سندس خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي پ??هنجي تعزيتي پ??غام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڊاڪٽر اعجاز احسن پي ٽي آءِ جو باني ميمبر هو، هن اهڙي مشڪل وقت ۾ اسان ج?? ساٿ ڏنو جڏهن تبديلي جا مخالف اسان جو مذاق اڏائيندا هئا، ڊاڪٽر اعجاز احسن اسان جي پارٽي جي سي اي سي جو ميمبر ۽ اجلاسن ۾ سدائين شريڪ ٿيندو هو.