اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪراچي اسان جو آهي ۽ ڪراچي کانسواءِ پاڪستان ن?? آهي، ڪراچي ۾ بجلي ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ وفاقي حڪومت هنگامي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڪراچي ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي معاملن تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڊگهي ب??ث ۾ حصو وٺندي هن چيو ته ايوان ۾ لفظن جي چونڊ مناسب هجڻ گهرجي، منهنجي سنڌ حڪومت کي د??خواست آهي ته اسلم خان جي گهر تي فائرنگ جي واقعي جو نوٽيس وٺي، هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري مسلم ليگ (ق) جي دور ۾ ٿي، پنج سال پيپلزپارٽي جي حڪومت رهي ۽ پيپلزپارٽي جو بجلي وارو وزير راجا پرويز اشرف جيڪو هن ايوان ۾ موجود آهي، هن ڪي اليڪٽرڪ ۾ مجرماڻيون ڪاررواين کي ڇو نه پڪڙيو، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي ب??لي واري وزير خواجه آ??ف به هتي آهي، هن ايڪشن ڇو نه کنيو.