اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جو دورو ڪيو. اين سي او سي جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر ليفٽيننٽ جنرل حمود زمان خان صدر جو استقبال ڪيو. ان موقعي قومي تح??ظ ۽ تحقيق ??ار?? وفاقي وزير سيد فخر امام، مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي ??ار?? وفاقي وزير پير نور الحق قادري، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل ۽ سرجن جنرل ليفٽيننٽ جنرل نگار جوهر به موج??د هئا. وزيراعظم جي قومي صحت بابت خاص مددگار ??اڪ??ر ظفر مرزا ۽ صوبائي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، اين سي او سي مان جاري بيان موجب صدر ??اڪ??ر عارف علوي کي منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن ??ار?? وفاقي وزير اسد عمر ۽ ڊائريڪٽر جنرل آپريشن اينڊ پلاننگ، اين سي او سي ميجر جنرل آصف محمود گورائيه ڪورونا وائرس جي صورتحال جي مختلف پاسن، اين سي او سي جي فيصلن تي عملدرآمد، ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۽ وفاقي ڌرين جي وچ ۾ شاندار جامع طريقيڪار بابت بريفنگ ڏني، صدر کي ڪورونا وائرس جي چئلينج کي م??هن ڏيڻ، صحت جي پروفيشنلز جي صلاحيت ۾ اضافو، ڪورونا مريضن لاءِ بيڊز جي دستيابي ۾ اضافو، اهم دوائن جي بنا رنڊڪ فراهمي، ڪورونا جي مريضن جي نشاندهي ۽ رابطن بابت ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ ملڪ ۾ صحت جي نظام ۾ بهتري لاءِ قدمن کان آگاهه ڪيو ويو.