اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ??هي ته دنيا جي سامهون سڀ کان وڏي جمهوريت جي دعويٰ ڪندڙ مودي سرڪار ٻڌائي ته معصوم ڪشميرين تي ظلم، بربريت، جبري گمشدگيون، عورتن جي عصمت دري، عورتن، ٻارن ۽ بزرگن کي پيلٽ گنن جي ذريعي نابين بڻائن ڪهڙي جمهوريت آهي، وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ اسان ڪشمير م??ئل?? کي سمورن عالمي فورمن تي اجاگر ڪرڻ لاءِ سموريون ڪوششون استعمال ۾ آڻينداسين، پاڪستان خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين ڪشميرين جي سياسي، سفارتي، اخلاقي حمايت جاري رکندو. هو اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اهتمام هيٺ ڪشمير گهيراءُ ۾ جي عنوان سان سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو.