اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي چيو آهي ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي باري ۾ آگ??هي پکيڙڻ ۾ ميڊيا، سوشل ميڊيا سميت م??اش??ي جي سمورن طبقن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، بيماري جي جلد سڃاڻپ سان علاج ممڪن آهي. اها ڳالهه هن هتي فاطمه جناح پارڪ ايف نائين ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي حوالي سان آگ??هي واڪ جي موقعي تي منعقد تقريب کي خ??اب ڪندي چئي. تقريب جو اهتمام پنڪ ربن ۽ قومي صحت خدمتن ۽ ريگوليشنز واري وزارت ڪيو هو، ان موقعي تي عورت پارليامينٽرين سميت شاگردياڻين، ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ نرسن جو هڪ وڏو تعداد به موجود هو. خاتون اول تقريب کي خ??اب ڪندي چيو ته اڄ جي ان واڪ جو مقصد عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي حوالي سان شعور ۽ آگ??هي فراهم ڪرڻ آهي، هن چيو ته عورتن ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي حوالي سان آگ??هي پکيڙڻ سخت ضروري آهي ڇو ته جيڪڏهن بيماري جي سڃاڻپ شروعاتي مرحلي ۾ ٿي وڃي ته ان جو علاج ممڪن ٿيندو آهي ان لاءِ اسان کي ان بيماري ۾ جلد سڃاڻپ جي اهميت کي سمجهڻو پوندو.