اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) ڀارتي سفارتڪار کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري ڀارت ۽ پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ملٽري آبزرور گروپ (يو اين ايم او جي آءِ پي) جي م??صرن جي گاڏي کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ تي شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، گڏيل قومن جي م??صرين گذريل ڏينهن ايل او سي ج?? چيريڪوٽ سيڪٽر ۾ ڀارت پاران جنگ بندي ج?? خلاف ورزي جي م??اثرين سان ملاقات لاءِ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي پولس ڳوٺ وڃي ر??يا هئا، خوش قسمتي سان گاڏي ۾ موجود ٻنهي م??صرين کي ڪو به نقصان نه پهتو ۽ پاڪ فوج کي?? حفاظت سان بچائي راولاڪوٽ پهچايو، تنهن هوندي به انهن جي گاڏي کي نقصان پهتو، اهو حملو ڄاڻي واڻي ڪيو ويو هو ڇو ته گڏيل قومن جي گاڏي، مخصوص نشان ۽ نيلي ر??گ جي ج??نڊي ج?? ڪري پري کان به واضح طور تي سڃاتي ويندي آهي.