اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فوجداري ??نص??ف جو نظام بنيادي اهميت رکندڙ آهي ۽ گورننس لاءِ ريڙهه جي هڏي ج?? حيثيت رکي ٿو، گذريل حڪومتن نظام کي خراب ڪري لاقانونيت مان فائدو کنيو، موجوده حڪومت ان نظام کي ترجيحي بنيادن تي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ گهربل وسيلا فراهم ڪندي. هن ا??ڙن خيالن جو اظهار فوجداري ??نص??ف جي نظام ۾ سڌارن ۽ صوبن ۽ اسلام آباد ۾ ضابطه ديواني تي عملدرآمد جي اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ قانون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم، اٽارني ج??رل خالد جاويد خان، پنجاب جو قانون وارو وزير راجا بشارت، خيبرپختونخوا جو قانون وارو وزير سلطان محمود خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سڌارن واري عمل جي جامع حڪمت عملي ج??ڙڻ لاءِ 13 شعبن جي نشاندهي ڪري ڌار ڌار ٽاسڪ فورسز ٺاهيون ويون هيون جنهن جون سفارشون عملي شڪل اختيار ڪرڻ لاءِ تيار آهن، انهن 13 شعبن ۾ ڪيسن جي داخلا، گرفتاري ۽ ايف آءِ آر جو نظام، پوليس اس??يش??ز کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ ۽ انهن جي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ، فنڊن جي پوليس اس??يش??ز کي سڌو سنئون منتقلي ۽ اس??يش?? انچارج کي پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر جو درجو ڏيڻ، جاچ نظام کي مضبوط ڪرڻ، چالان جي نظام ۾ بهتري آڻڻ، آزاد پراسيڪيوشن جي قيام، پراسيڪيوشن کي ڪيسن جي نوعيت جي لحاظ کان ڪيسز جي جاچ سان ڪورٽن تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ، ٽرائل جي طريقيڪار کي آسان ۽ تيز ڪرڻ، ڪورٽس جي رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ، پروبيشن ۽ پيرول جي نظام کي مضبوط ڪرڻ شامل آهن.