اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آه?? ته تحريڪ انصاف جو فارن فنڊنگ ڪيس ۾ دامن صاف آه??، اسان 40 هزار ماڻهن جا تفصيل اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرايا آه??، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي نامعلوم ماڻهن کان پارٽي فنڊنگ جي نالي تي پئسا ورتا، ٻئي پارٽيون جواب ڏيڻ کان ڀڄي رهيون آه??، ڀڄڻ نه ڏنو ويندو، کين ضرور جواب ڏيڻو پوندو، چاهيون ٿا ته فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي اوپن ڪئي وڃي ۽ ان جو جلد کان جلد فيصلو ٿئي ته حقيقتون قوم جي سامهون اچن. نج?? ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سرعام چيو آه?? ته فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي اوپن ٿئي، ان جي بيان کانپوءِ تحريڪ انصاف جي پوزيشن واضح آه??، تحريڪ انصاف واحد سياسي پارٽي آه?? جنهن اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي پاران گهريل سمورا دستاويز پيش ڪيا، شبلي فراز چيو ته تحريڪ انصاف ۾ ڪا به مافيا نه آه??، تحريڪ انصاف ورڪرن ۽ م??مبرن کان چن??و وٺي پارٽي معاملا هلائڻ جو ڪلچر متعارف ڪرايو آه??، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي نامعلوم ماڻهن کان پئسا ورتا، مافيا انهن ماڻهن کي چونڊ وڙهڻ لاءِ فنڊنگ ڪندي آه?? ۽ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ اهي ماڻهو کين نوازيندا آه??.