اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو آه?? ته خانداني منصوبابندي ۽ ماءُ جي صحت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ صحت کاتي ۽ آبادي جي ??لائي واري کاتي جو تعاون لازمي آه??، آبادي جي ??لائي ۽ صحتمند خاندان جي فروغ لاءِ عالم سڳورن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس پشاور ۾ اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان، صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. صدر کي صوبي ۾ آبادي جي ??لائي ۽ مائرن جي صحت جي لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو ته خانداني منصوبابندي ۽ ماءُ جي صحت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ صحت کاتي ۽ آبادي جي ??لائي واري کاتي جو تعاون لازمي آه??، وڌندڙ آبادي معيشت، ماحوليات، صحت، تعليم ۽ سمورن شهرين جي زندگي جي معيار کي بري طرح متاثر ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته آبادي جي ??لائي ۽ صحتمند خاندان جي فروغ لاءِ عالم سڳورن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، آبادي جي ??لائي جي فروغ لاءِ وقت سر قانونسازي لازمي آه??.