پشاور – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير س??ني??ر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر جي لُٽ مار جي ڪري پاڪستان قرضي ٿيو، ماضي جي حڪمرانن جي شاهه خرچين سان خرچ وڌيا، وزيراعظم پنهنجي گهر ۾ رهندو آهي ڪا ڪيمپ آفيس نه آهي، تحريڪ ??نصاف جو شروع کان موقف رهيو آهي ته چونڊون اوپن بيلٽ جي ذر??عي ٿيڻ گهرجن. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير س??ني??ر شبلي فراز چيو ته سڄي ملڪ ۾ صحت جي ن??ام ۾ بهتري آڻي رهيا آهيون. صحت ڪارڊ بنا ڪنهن فرق هر خاندان کي ڏنو پيو وڃي، پر سنڌ ۾ صحت جو نظام گهڻو خراب آهي. هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ 8 سالن کان اسان جي حڪومت آهي، صوبي ۾ تحريڪ ??نصاف جي حڪومت هر شعبي ۾ ڪم ڪيو.