اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان ۾ اف??انستان جي سفير نجيب الله علي خيل ملاقات ڪئي ڪنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، واپار جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ اف??انستان جي عوام اخوت، ثقافت ۽ تاريخ جي لازوال رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. پاڪستان اف??انستان ۾ امن جي قيام لاءِ اف??ان حڪومت ۽ عوام سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، مستحڪم ۽ مضبوط اف??انستان پاڪستان ۽ خطي جي بهترين مفاد ۾ آهي، اسد قيصر چيو ته پاڪستان جي موجوده حڪومت اف??انستان سان وسيع النبياد واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ چ??هي ٿو. پاڪستان جي خواهش آهي ته سي پيڪ منصوبي مان اف??انستان فائدو حاصل ڪري، سي پيڪ منصوبو خطي ۾ معاشي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ گيم چينجر منصوبو ثابت ٿيندو. جاگرافيائي اعتبار سان اف??انستان وچ ايشيا جي لاءِ گيٽ وي جي حيثيت رکي ٿو، پاڪ اف??ان واپار ۽ سيڙپڪاري لاءِ قومي اسيمبلي پاڪ – اف??ان فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي جوڙيل سفارشن تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي، اف??ان شاگردن ۽ مريضن جي لاءِ ويزه پاليسي ۾ نرمي سان اف??ان عوام پاڪستان ۾ صحت ۽ تعليم جي سهولتن مان فائدو حاصل ڪري سگهندي، اف??ان واپارين لاءِ ڊگهي ??دي واري ويزا جاري ڪرڻ سان ٻنهي ??لڪن ۾ واپاري سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو.