اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وبا ۽ ماحولياتي تبديلي جهڙن ??ئل??نجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي جي ضرورت آهي، ڪورونا وبا جي عالمي سطح تي روڪٿام لاءِ ويڪسينيشن جي عمل ۾ اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪئي وڃي، پاڪستان ??احولياتي تبديلي سبب سڀ کان ??ڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، پاڪستان ??احولياتي تبديلي جي اثرن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ 10 ارب وڻ لڳائڻ جو منصوبو شروع ڪيو آهي، اسان کي ڪورونا وبا جي ٽئين لهر درپيش آهي، ان ??هر کي به شڪست ڏينداسين، عالمي برادري کي اها ڳالهه يقيني بڻائڻ گهرجي ته ويڪسين هر جڳهه، هر ڪنهن جي لاءِ ۽ جلد کان جلد ستياب هجي، ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي رستي ۾ رڪاوٽون ??تم ڪرڻ گهرجن، ترقي يافته ملڪ پيرس معاهدي تحت پنهنجا واعدا پورا ڪن، اسرندڙ ملڪن مان چوري ٿيل اثاثا فوري ۽ غيرمشروط طور واپس ٿيڻ گهرجن، اسان کي گڏجي غيرمشروط طور هڪ نئين، پرامن، برابري ۽ پائيدار عالمي نظام جي لاءِ تعاون ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي ترقي جي لاءِ مالي مدد بابت اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل ??ورم جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.