اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن ترڪ شهرين ڊاڪٽر سلامي ڪليچ ۽ پروفيسر ڊاڪٽر جلال سويدان کي استنبول ۾ اعزاز ورهائڻ واري خصوصي تقريب ۾ اي??ار??ز ڏنا. صدر عارف علوي ڊاڪٽر سلامي ڪليچ کي پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي عيوض ستاره امتياز سان نوازيو. ڊاڪٽر سلامي پاڪستان ۾ 2005ع جي تباهي آڻيندڙ زلزلي کانپوءِ امداد?? سرگرمين ۾ حصو ورتو هو. پاڪستان ۾ 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ ڊاڪٽر سلامي ڊيره مراد جمالي ۾ هڪ فيلڊ اسپتال قائم ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڪئي هئي. هو مظفر ڳڙهه ۾ رجب طيب اردوان اسپتال قائم ڪرڻ ۾ به اڳتي رهيو. صدر پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي عيوض پروفيسر ڊاڪٽر جلال سويدان کي ستاره قائداعظم جي اي??ار?? سان نوازيو. هو استنبول يونيورسٽي ۾ اردو شعبي جو سربراهه آه??. ڊاڪٽر جلال پنهنجي ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل ڪيريئر ۾ ترڪي زبان ۾ اردو ۽ اردو ادب جي فروغ لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون آه??. ڊاڪٽر جلال 20 ڪتابن جو ليکڪ آه?? جڏهن ته قومي ۽ عالمي رسالن ۾ اردو ۽ ترڪيءَ ۾ ٻن درجن کان وڌيڪ مضمون ۽ مقالا شايع ٿي چڪا آه??. ڊاڪٽر جلال اقباليات جي شعبي ۾ پڻ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. ڊاڪٽر جلال علامه اقبال جي لکڻين ۽ ارمغان حجاز، ضرب ڪليم، بال جبريل، بانگ در ۽ اسلام ۾ مذهبي فڪر جو ترڪ زبان ۾ ترجمو ڪري چڪو آه??.