اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته پاڪستان کي غذائي پيداوار ۾ پاڻڀرو بڻائڻ حڪومت جي اولين تر??يح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن غذائي تحفظ واري وفاقي وزير سيد فخر امام سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم کي چانور، ڪمن??، مڪئي ۽ ڪپهه سميت خريف جي فصلن جي پيداوار ۾ متوقع اضافي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو ۽ کيس لائيو اسٽاڪ ۽ ماهيگيري جي شعبي ۾ وزارت پاران آندل سڌارن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته لائيو اسٽاڪ جي جديد طريقي سان افزائش نسل، خوراڪ جي فراهمي ۽ صح?? جي سهولتن ۾ بهتري آندي پئي وڃي، پيداوار ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ تحقيقي ادارن ۾ سڌارا متعارف ڪرايا پيا وڃن. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان کي غذائي پيداوار ۾ پاڻڀرو بڻائڻ حڪومت جي اولين تر??يح آهي، زرعي شعبي ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ حڪومت ايگريڪلچرل ٽرانسفارميشن پ??ان لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائي رهي آهي.