اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ جٽادار امن جو خواهشمند آهي، دنيا کي افغانستان ۾ زميني حقيقتن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، طالبان کي حڪومت سازي ۽ ملڪي معاملا هلائڻ ۾ وقت ڏيڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن گڏيل قومن جي پناهگيرن جي هاءِ ڪمشنر فيلپو گرانڊي سان ڳالهائي??دي ڪيو، جنهن گذريل ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ افغانستان مان پرڏيهين جي واپس?? ۽ ??فغان شهرين لاءِ انساني امداد بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته افغان شهرين کي موجوده حالتن ۾ اڪيلو نه ڇڏيو وڃ?? ۽ ??نساني بنيادن تي افغان شهرين لاءِ خوراڪ، دوائن ۽ ٻين ضروري شين جو بندوبست ڪيو وڃي. گهرو وزير چيو ته پاڪستان پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ جٽادار امن جو خواهشمند آهي، طالبان کي حڪومت سازي ۽ ملڪي معاملن کي هلائڻ ۾ وقت ڏيڻ گهرجي، دنيا کي افغانستان ۾ زميني حقيقتن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته طالبان کي افغانستان ۾ حڪمرانيءَ لاءِ مال?? ۽ ??نساني وسيلا يقيني بڻائڻا پوندا، طالبان جي اثر هيٺ حڪومت افغانستان جي هڪ ئي ڏينهن ۾ يورپ جي ترقي ممڪن ناهي، افغانستان ۾ امڪاني انساني ڏُڪار بدامني ۽ لاقانونيت کي جنم ڏئي سگهي ٿو. هن چيو ته انساني همدرديءَ تحت خوراڪ ۽ دوائن جون ٽرڪون ۽ جهاز افغانستان اُماڻيا آهن. موجوده حالتن ۾ پاڪستان افغان شهرين جي انساني همدردي جي بنياد تي امداد جاري رکندو. گهرو وزير چيو ته هاڻوڪي تناظر ۾ پاڪستان ۾ نڪو افغان پناهگير آهي نه ئي افغان ڪيمپ. افغانستان مان غير ملڪ?? ۽ ??فغان شهرين کي ڪڍڻ لاءِ سهولت مرڪز 24 ڪلاڪ ڪم ڪر?? رهيو آهي. ملاقات ۾ پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان طرفان 30 لک افغان پناهگيرن جي لڳاتار سارسنڀال ۾ ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. گڏيل قومون افغان شهرين کي اڪيلو نه ڇڏينديون، انهن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. گڏيل قومن افغانستان لاءِ فن?? ۽ ??مداد لاءِ عالمي برادريءَ کي متحرڪ ڪيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي عملي جي سيڪيورٽي ۽ ويزا سهولت فراهم ڪ??ڻ تي پاڪستان حڪومت جا شڪرگذار آهيون. گهرو وزير پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن جي امداد تي گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر جا ٿورا مڃيا.