اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ پهريو?? ڀيرو مارٽگيج فنانسنگ کي متعارف ڪرايو، غريب ماڻهو هاڻي مسواڙ ??دران گهر جون قسطون ڏئي پن??نجي ??هر جو مالڪ بڻجي سگهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چي??رمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چي??رمين وزيراعظم کي ملڪ ۾ گهٽ قيمت تي رهائش جي فراهمي لاءِ جاري منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته مارٽگيج فنانسنگ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ 69 ارب روپين جي منظوري ڏئي رهي آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته گهٽ قيمت رهائش جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت ملڪ ۾ پهريو?? ڀيرو مارٽگيج فنانسنگ کي متعارف ڪرايو. هن چيو ته غريب ماڻهو هاڻي مسواڙ ??دران گهر جون قسطون ڏئي پن??نجي ??هر جو مالڪ بڻجي سگهندو.