اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڄ ڇنڇر ڏينهن ٻن ڏينهن جي دوري تي متحده عرب ا??ارات روانو ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب دوري دوران صدر متحده عرب ا??ارات جي اعليٰ عملدارن سان ملاقات ۽ دبئي ??يڪ??پو 2020ع ۾ پاڪستان پويلين ??و باضابطه افتتاح ڪندو. يو اي اي ۾ پنهنجي قيام دوران صدر عارف علوي مشهور واپارين، سيڙپڪارن، آءِ ٽي ڪمپنين ??ي سينئر اڳواڻن ۽ ميڊيا نمائندن سان به ملاقات ۽ متحده عرب ا??ارات ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن به ڳالهه ٻولهه ڪندو، اهو دورو پاڪستان ۽ متحده عرب ا??ارات جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جا 50 سال مڪمل ٿيڻ جي مناسبت سان ٿي رهيو آهي. دبئي ??يڪ??پو 2020ع خطي جي سڀ کان وڏي ۽ قسمين قسمين ??ي نمائش آهي جنهن ۾ 192 ملڪن، گهڻ رخي تنظيمون ۽ ڪاروباري ادارا شرڪت ??ري رهيا آهن. ??يڪ??پو پهرين ??ڪٽوبر تي شروع ٿي ۽ 31 مارچ 2022ع تائين ??اري رهندي، ??يڪ??پو 2020ع ۾ پاڪستان پويلين ??يڪ??پو سائٽ جي اهم ترين ??لائقن ۾ واقع آهي ۽ ان کي ملڪ کان ٻاهر پاڪستان جو سڀ کان وڏو پويلين ??مجهيو ويندو آهي، پاڪستان ۽ متحده عرب ا??ارات جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، جيڪي گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافتي وابستگين ??ي مستحڪم بنيادن تي هموار آهن. متحده عرب ا??ارات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ وڏو ذريعو آهي. متحده عرب ا??ارات تعليم، صحت، توانائي جي شعبن ۾ پاڪستان جي اهم ترقياتي حصيدارن ۾ شامل آهي.