اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ يونيورسٽين جي ذريعي اعليٰ معيار جي گريجوئيٽس ۽ انتهائي هنر مند ورڪ فورس ??يا?? ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته يونيورسٽين کي انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي (آءِ سي ٽي) تي ڌيان ڏيندي پنهنجي ڪوششن کي تيز ڪرڻ گهرجي ته جيئن چوٿي صنعتي انقلاب جي ثمرن مان فائدو کڻي سگهجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ (GIKI) آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ريڪٽر غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ پروفيسر ڊاڪٽر فضل احمد خالد بريفنگ ڏني. صدر سوسائٽي فار پروموشن آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي فريد رحمان، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر شڪ??ل دراني ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ريڪٽر غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ صدر کي انجنيئرنگ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعليم جي فراهمي ۾ انسٽيٽيوٽ جي ڪردار ۽ ڪاميابين کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته هن وقت 2366 شاگرد مختلف ڊگري پروگرامن ۾ تعليم پرائي رهيا آه?? ۽ هن وقت تائين 6852 شاگرد يونيورسٽي مان پاس ٿي چڪا آه??، هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته انسٽيٽيوٽ جي 75 سيڪڙو فيڪلٽي اعليٰ درجي جي قومي ۽ عالمي يونيورسٽين جي پي ايڇ ڊي ڊگري هولڊرز تي مشتمل آه??، هن وڌيڪ چيو ته غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ 2021ع ۾ 290 ملين روپين کان وڌيڪ رقم مختص ڪئي هئي ته جيئن مستحق شاگردن کي وظيفا ۽ مالي امداد فراهم ڪري سگهجي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر يونيورسٽي جي انتظاميه کي چيو ته صنعتي رابطا ۽ عالمي يونيورسٽين سان تعاون کي فروغ ڏنو وڃي ته جئين انهن جي مهارت مان فائدو کڻي سگهجي. هن چيو ته يونيورسٽي کي پنهنجي عالمي مشاورتي بورڊ کي مضبوط بڻائڻ کانسواءِ آن لائين تعليمي جزو جي ماپي کي وڌائڻ جي ضرورت آه??، صدر يونيورسٽي کي چيو ته هو خصوصي شاگردن جي باري ۾ ايڇ اي سي جي پاليسي تي عملدرآمد يقيني بڻائي جيڪا کين ??يو??ن فيس هاسٽل فيس ۽ يوٽيلٽي فيس جي مڪمل ڇوٽ کانسواءِ يونيورسٽي ۾ خصوصي ماڻهن ۽ عورتن کي ملازمت ڏيڻ جا موقعا فراهم ڪندي آه??. هن يونيورسٽي تي زور ڏنو ته هو پنهنجي ويزن کي اپ ڊيٽ ڪري ۽ پنهنجي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽائيم لائين طئي ڪري. هن چيو ته يونيورسٽين کي مصنوعتي ذهانت تي ڌيان ڏئي سائبر سيڪيورٽي جي شعبي ۾ مهارت جي فروغ جي ذريعي ملڪ جي ضرورتن کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آه??.