اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اي وي ايم، چونڊ سڌارن بل سميت اه?? بلن جي منظوري تي قوم خاص طور تي سمنڊ پار پاڪس??ان??ن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اڄ کان ووٽنگ جو پراڻو نظام ختم ٿي ويو آهي، اڳتي چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز تي ٿينديون، چونڊ سڌارن تي بدقسمتي سان مخالف ڌر جو رويو منفي رهيو، پارليامينٽ ۾ 70 بلن جي منظوري تي مخالف ڌر کي 70 ڀيرا شڪست کي منهن ڏيڻو پيو، م??الف ڌر کي اڄ جي شڪست ڊگهي عرصي تائين ياد رهندي، م??الف ڌر سياسي ڄامڙن جي اتحاد ۾ جمع آهي جنهن جو نالو پي ڊي ايم آهي، م??رشل لا جي جهولي ۾ پرورش ماڻيندڙن جي سياست سدائين ٻين جي ڪلهن تي رهي آ??ي، نواز شريف اينڊ ڪمپني سڄي زندگي ڪرڪيٽ به پنهنجي امپائرن کانسواءِ نه کيڏي، صبح ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته بلاول ۽ شهباز شريف شڪست کاڌل مانهو آهن، م??الف ڌر هن وقت مايوسي جو شڪار آهي، انهن جي مايوسين ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هتي پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ پاڪستان جي پارلياماني تاريخ جو اه?? ترين ۽ تاريخي ڏينهن آهي، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اي وي ايم، چونڊ سڌارا بل سميت اه?? بلن جي منظوري تي پوري قوم مبارڪباد جي مستحق آهي، ڊگهي جدوجهد کانپوءِ اڄ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ 90 لک پاڪس??ان??ن کي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ جي سهولت جو قانون منظور ٿيو آهي جنهن تي سمنڊ پار پاڪس??ان??ن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته اڄ کان اسان جو ووٽنگ جو پراڻو نظام ختم ٿي ويو آهي، اڳتي چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز تي ٿينديون، چونڊ سڌارن تي اسان ڏيڍ سال ڪوشش ڪئي ته ان تي اتفاق راءِ پيدا ٿي سگهي، ان اتفاق راءِ جي لاءِ وزيراعظم ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سميت پي ٽي آءِ جي پوري قيادت ڪوشش ڪئي، بدقسمتي سان چونڊ سڌارن تي مخالف ڌر جو رويو منفي رهيو جنهن تي اسان کي اه?? قانون اڪيلي ئي پاس ڪرڻو پيو. هن چيو ته نواز شريف اينڊ ڪمپني سڄي زندگي ڪرڪيٽ به پنهنجي امپائرن کانسواءِ نه کيڏي، م??رشل لا جي جهولي ۾ پرورش ماڻيندڙن جي سياست سدائين ٻين جي ڪلهن تي رهي آ??ي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صبح ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته بلاول ۽ شهباز شريف شڪست کاڌل ماڻهو آهن، اڄ اه?? معاملن تي مخالف ڌر کي ٿيندڙ شڪست ڊگهي عرصي تائين ياد رهندي. هن چيو ته اڄ ثابت ٿي ويو آهي ته پاڪستان تهريڪ انصاف ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي آ??ي، پي ٽي آءِ اڄ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي 223 ووٽ شو ڪيا جنهن جي مقابلي ۾ مخالف ڌر جي ووٽن جو انگ تمام گهٽ هو، حڪومت کي رڳو قومي اسيمبلي ئي نه پر سينيٽ ۾ به برتري حاصل آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جيڪي ماڻهو اه?? خواب کڻي ويٺل هئا ته اه?? سينيٽ چيئرمين جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ آڻيندا، اڄ انهن جون اکيون کلي ويون هونديون، اهڙن ماڻهن کي پنهنجي سياسي حيثيت جي خبر پئجي وئي هوندي. چوڌري فواد حسين چيو ته اڄ پارليامينٽ ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين، اوورسيز پاڪس??ان??ن کي ووٽ جو حق ڏيڻ سميت اه?? قانونسازي ٿي، اينٽي ريپ ترميمن، عورتن ۽ ٻارن جي لاءِ ترميمون پيش ڪيون ويون آهن، انهن ترميمن تحت خصوصي عدالتون قائم ٿينديون ۽ ريپ جي ڪيسز کي ڏسڻ جي لاءِ خصوصي انويسٽيگيشن سيل جوڙيا ويندا. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت عورتن جي لاءِ وراثت جي قانون ۾ ترميم آڻي سهولتون پيدا ڪيون آهن، اڄ تائين ڪنهن حڪومت ان بابت سوچيو ئي نه هو. هن چيو ته مخالف ڌر شيڊيول ٺاهي رکيو آهي ته هڪ هفتي فوج جي خلاف بيان ڏيڻا آهن، ٻئي هفتي فوج سان ڊيل ڪرڻي آ??ي، ٽئين هفتي عدليه جي خلاف ٿيڻو آهي ۽ چوٿين هفتي عدليه سان ڊيل ڪرڻي آ??ي، م??الف ڌر ۾ قيادت جي کوٽ آهي، اه?? سياسي ڄامڙا هڪ اهڙي اتحاد ۾ جمع آهن جنهن جو نالو پي ڊي ايم آهي، شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو اڄ جيڪي تقريرون ڪيون اه?? شڪست کاڌل ۽ ٿڪل پهلوانن جون تقريرون هيون، اه?? سڀ هن وقت مايوسي جي عالم ۾ آهن، انهن جي مايوسين ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. چوڌري فواد حسين چيو ته تحريڪ انصاف پاڪستان جي عوام لاءِ آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊن جو بنياد رکيو آهي، وزيراعظم عمران خان ۽ تحريڪ انصاف سدائين اتفاق راءِ جي ڳالهه ڪئي آ??ي. جڏهن اسان مخالف ڌر کي اتفاق راءِ جي لاءِ ڳالهين جي دعوت ڏني ته انهن اسان جي آ??ر رد ڪري ڇڏي. هن چيو ته مخالف ڌر پنهنجي ضد ڇڏي، اه?? اسان کي نه ٿا هارائي سگهن، م??الف ڌر پهرين سال زور لڳايو اسان کي نه ڪڍي سگهي، ٻئي سال زور لڳايو ناڪام رهي، هاڻي ٽئين سال به اها ناڪام ٿي وئي آ??ي. چوڌري فواد حسين چيو ته اه?? ٿڪل پهلوانن جو ڪم نه آهي، م??الف ڌر پنهنجي حڪمت عملي ۾ تبديلي آڻي، قومي مفاد ۾ قانونن کي اسان اڳتي وڌائڻ جي لاءِ تيار آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ پارليامينٽ ۾ 70 بلن تي ووٽنگ ٿي، 70 ڀيرا مخالف ڌر کي شڪست ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عدالت ۾ هر شيءَ چئلينج ٿي سگهي ٿي، پارليامينٽ جي ڪارروائي آ??ي، ٻنهي ايوانن انهن بلن جي منظوري ڏني آ??ي، انهن کي چئلينج ڪرڻ آسان نه هوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر کي دعوت ڏيان ٿو ته انهن کي ايوان جي 70 ڀيرا ڳڻپ تي يقين نه آهي ته ميڊيا ۾ پنهنجا 224 ماڻهو ظاهر ڪري ڇڏين. هن چيو ته اتحادين جهڙي طرح اسان کي سپورٽ ڪيو ان تي انهن جا ٿورا مڃون ٿا، تحريڪ انصاف جا اتحادي شيهي جي ديوار وانگر اسان سان گڏ بيٺل آهن. هڪ سوال تي هن چيو ته اليڪشن ڪيئن ٿيڻي آ??ي اه?? پارليامينٽ کي طئي ڪرڻو آهي، اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي.