اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گڏي?? قومن پاران اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي خصوصي اجلاس ۾ کنيل قدمن تي عمل ڪندي افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ امداد جي ا??يل جي آجيان ڪئي آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گڏي?? قومن پاران جاري ڪيل خبر جو حوالو ڏيندي چيو ته آئون عالمي برادري کان افغانستان ۾ انساني بحران کان بچڻ لاءِ امداد جي ا??يل ڪري رهيو آهيان جتي ماڻهو 40 سالن جي تڪرارن جي ڪري شديد مشڪلاتن جو شڪار آهن، واضح رهي ته گڏي?? قومن افغانستان لاءِ 2022ع ۾ پنج ارب ڊالر جي امداد جي ا??يل ڪئي آهي جيڪا ڪنهن به هڪ ملڪ لاءِ انساني بحران روڪڻ لاءِ سڀ کان وڏي ا??يل آهي، گڏي?? قومن پاران ٻڌايو ويو ته 4 ارب 40 ڪروڙ ڊالر افغانستان جي اندر جڏهن ته 62 ڪروڙ 30 لک ڊالر افغانستان کان ٻاهر رهندڙن لاءِ گهربل آهن، ا??غانستان جي اڌ آبادي کي هن وقت بک کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.