اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چونڊيل ن??ائندن کي هدايت ڪئي آهي ته هو عوام سان پنهنجي رابطا مهم تيز ڪن ۽ عوامي م??ئلن جي فوري حل لاءِ ضلعي انتظاميه سان رابطو بهتر بڻائين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير ڪميٽي جي چي??رم??ن شهريار آفريدي، دفاع واري ??زير پرويز خٽڪ ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وفاقي وزير سيد شبلي فراز سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پي ٽي آءِ جي ضلعي چي??رم??ن گمبٽ ۽ ڪوهاٽ ساجد اقبال به موجود هو. ملاقات ۾ ضلعي ڪوهاٽ ۾ پارٽي جي تنظيم سازي ۽ ترقياتي منصوبن سان معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چونڊيل عوامي نمائندن کي هدايت ڪئي ته هو نه رڳو عوام سان پنهنجي رابطا مهم کي تيز ڪن پر انهن جي م??ئلن جي فوري حل لاءِ ضلعي انتظاميه سان ڪوآرڊينيشن کي به بهتر بڻائين، ان موقعي تي آزاد چونڊيل ضلعي چي??رم??ن لاچي، ڪوهاٽ محمد احسان ۽ ڪوهاٽ سٽي ميئر جي آزاد اميدوار شفيع الله پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، ٻنهي اڳواڻن وزيراعظم جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو، وزيراعظم عمران خان پارٽي ۾ شموليت تي انهن جي آجيان ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو تڪ جي م??ڻهن جي بهتري ??اءِ ڀرپور ڪم ڪندا.