اسلام آباد – 22 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي صحت جي نظام ۾ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل مهارت جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته صحت جي سارسنڀال جي نظام ۾ علاج بدران بيمارين کان بچاءُ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر اها ڳالهه ڪراچي ۾ سينٽر آف انوويشن ان ??يڊيڪل يونيورسٽي ۾ ??غا خان ??ونيورسٽي جي سينيئر قيادت جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. صحت جي نظام ۾ بيمارين جي تدارڪ جي رخ تي روشني وجهندي هن چيو ته مهانگي علاج جي ڪري ملڪ ۾ ڪيترائي ماڻهو اسپتالن خاص طور تي نجي اسپتالن ۾ وڃڻ کان ??اسو ڪن ٿا، صحت جي نظام ۾ بيمارين جي تدارڪ جي رخن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ??غا خان ??ونيورسٽي سميت اسان جي اسپتالن کي ان رجحان طرف پنهنجو ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر چيو ته ڊينٽسٽري جا 80 سيڪڙو عنصر آن لائين يا ورچوئل آهن. ملڪ ۾ نرسنگ عملي جي انگ ۾ نمايان اضافي جي لاءِ ڪيترائي نرسنگ ڪورسز ۽ پروگرام آن لائين ڪرائي سگهجن ٿا. صدر چيو ته چين عوام جي صحت جي نظام ۾ بهتري جي ??ري??ي پنهنجي 80 ڪروڙ شهرين کي غربت مان ??اهر ڪڍيو. صدر ??غا خان ??ونيورسٽي جي فيڪلٽي ۽ ڊاڪٽرن تي زور ڏنو ته اهي معياري ۽ ٺوس عوام جي صحت جو نظام قائم ڪرڻ جي لاءِ مفڪرن، ماهرن جو گروپ قائم ڪري. ان کان اڳ صدر کي ??غا يونيورسٽي پاران بنيادي تعليم، آئوٽ ريچ صحت خدمتن، امتحانن جي نظام ۽ تحقيق بابت بريفنگ ڏني وئي. صدر کي ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي بنيادي تعليم، آئوٽ ريچ صحت خدمتن، امتحانن جي نظام ۽ تحقيق جي شعبي ۾ ڪم جي ??ري??ي سماجي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ ان حوالي سان ??ي يونيورسٽي هڪ قومي اثاثو آهي. صدر ??غا خان ??ونيورسٽي جي خدمتن کي ساراهيو ۽ ان کي ملڪ جي ٻين اهم اسپتالن جي لاءِ هڪ مثال قرار ڏنو.