اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي نيول هيڊڪوارٽر اسلام آباد جو دورو ڪيو ۽ پ??ڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي سان ملاقات ڪئي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب ملاقات دوران علائقائي ميري ??ائيم سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير کي پاڪستان جي ميري ??ائيم سيڪيورٽي چئلينجز ۽ پ??ڪ بحريه جي ڪردار تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ترجمان موجب ان م??قع?? تي پرڏيهي وزير پاڪ بحريه جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اڀرندڙ ميري ??ائيم چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪ بحريه کي هر ممڪن حڪومتي تعاون جي خاطري ڪرائي. پرڏيهي وزير ملڪي معيشت ۾ ميري ??ائيم سيڪيورٽي جي اهميت ۽ ان حوالي سان پاڪ بحريه جي ڪردار کي ساراهيو. هن سامونڊي سفارتڪاري جي ذريعي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ تي پاڪ بحريه کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. امير البحر نيول هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪرڻ تي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪ بحريه سدائين پنهنجي ملڪي سامونڊي سرحدن ۽ سامونڊي مفادن جو تحفظ جاري رکندي.