اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چ??ڌري فواد حسين روزاني نئي بات جي گروپ ايڊيٽر عطاءُ الرحمان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عطاءُ الرحمان ٻن ڏهاڪن کان قومي اخبارن ۾ ”تجزيه“ جي عنوان سان پنهنجي ڪالم ذريعي پڙهندڙن جي دلين تي راڄ ڪندو رهيو. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته مرحوم نئي بات جي ايڊيٽر طور پڻ پنهنجون صح??فتي ذميواريون بهتر طريقي سان اد?? ڪيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.