اسلام آ??اد – 21 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و آهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت مافياز جي خلاف ڄمي بيٺل آهن، ??ورن ۽ ڦورئن جي خلاف جدوجهد جاري آهي، اهو سلسلو منطقي انجام تي پهچندو، آرٽيڪل 63 اي آئين جو بنيادي حصو آهي، ماڻهن جا ضمير خريد ڪرڻ، لوٽا ڪريسي کي ريگولرائيز ڪرڻ جي ڪوشش ۽ چونڊيل حڪومت جي خلاف سازش تي سپريم ڪورٽ کان تشريح گهري وئي آهي، سپريم ڪورٽ کان جيڪو به جواب ايندو، اهو عوام جي سامهون رکنداسين، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس جي خلاف جيتريون سازشون مخالف ڌر ڪيون ايتريون ڀارت ۽ اسرائيل ناهن ڪيون، ن ليگ جو ميڊيا سال پي ٽي آءِ جي ڊي پيز ٺاهي فوج جي خلاف مهم هلائي رهيو آهي، فوج ۽ پي ٽي آءِ ۾ وڇوٽيون وجهڻ جي ن ليگ جي اهڙي سازش ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندي. اها ڳالهه هن سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي، ان موقعي تي وفاقي وزير حماد اظهر ۽ پارلياماني معاملن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ به موجود هئا. چوڌري فواد حسين چ??و ته سپريم ڪورٽ ۾ اڄ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي آهي، صدارتي ريفرنس تي به ڳالهه ٿي آهي، آرٽيڪل 63 اي آئين جو بنيادي حصو آهي، سپريم ڪورٽ کي چيو ويو آهي ته موجوده حالتن ۾ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح ڪئي وڃي ۽ ٻڌايو وڃي ته پاڪستان جي آئين تحت ضمير فروشي، لوٽآ ڪريسي، ووٽ وڪرو ڪرڻ جي اجازت آهي يا نه. سپريم ڪورٽ کان جيڪو به جواب ايندو اهو عوام جي سامهون رکنداسين، هن چ??و ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي حڪومت مافياز جي خلاف ڄمي بيٺل آهي، اسان کي پهرين ڏينهن کان پتو هو ته مافياز جي خلاف قدمن تي اسان جي خلاف سازشون ٿينديون، ??اڙيلن کي ختم ڪرڻ هڪ وڏو چئلينج هوندو، اهو پهريون موقعو ناهي ته عمران خان ان طرح جي چئلينج کي منهن ڏئي رهيو آهي، عمران خان زندگي ۾ سدائين وڏا چئلينج ورتا آهن، موجوده چئلينجز کي به انجام تائين پهچائي ساهه پٽيندو. هن چ??و ته جيڪڏهن قومي اسيمبلي جو اجلاس 22 تي نه ٿيو ته 25 تي ٿي ويندو، ان ۾ ڪهڙي قيامت اچي ويندي، هن چ??و ته موجوده مخالف ڌر او آءِ سي جي خلاف جيتري مهم هلائي ايتري ڀارت ۽ اسرائيل به نه ڪئي، جيڪي ماڻهو اٿي بيهي چوندا آهن ته او آءِ سي ڪانفرنس ڪري ڏيکاريو، انهن کي شرم اچڻ گهرجي، هن چ??و ته مولانا فضل الرحمان پنهنجي پوري سياسي ڪيريئر ۾ اسلام جي نالي تي ووٽ ورتو پر هن اسلام لاءِ ڪهڙي خدمت ڪئي، وفاقي وزير چيو ته عمران خان دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي خلاف مهم شروع ڪئي ناموس رسالت ﷺ تي پهرو ڏنو، عمران خان پاڪستان ۾ اسلامي فلاحي مملڪت لاءِ اڳتي وڌي رهيو آهي، هن چ??و ته مخالف ڌر جي معصوم ليڊر اسلامي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اسلامي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس جي تاريخ هڪ سال پهرين طئي ٿي، ان جي حتمي تاريخ جو اعلان به 6 کان 8 مهينا پهرين ٿيو، مخالف ڌر پنهنجي قرارداد 10 ڏينهن کانپوءِ جمع ڪرائي ها ته ڪهڙي قيامت اچي ها، هن چ??و ته مخالف ڌر جون سموريون ڪوششون پاڪستان جي مفادن کي نقصان پهچائڻ لاءِ آهن، هن چ??و ته وزيراعظم عمران خان، مولانا فضل الرحمان ۽ ان جي نام نهاد اتحاد جي خلاف ڄمي بيٺل آهي، هن چ??و ته اسان باغي ميمبرن کي ست ڏينهن موقعو ڏنو آهي اهي واپس اچي وڃن، جيڪڏهن واپس نٿا اچن ته تاحيات نااهلي ٿيندي، اهڙا ميمبر پنهنجي ٻارن کي منهن ڏيکارڻ جي قابل نه هوندا. هن چ??و ته قومي اسيمبلي جي قرارداد تحت ٽن ڏينهن لاءِ قومي اسيمبلي هال اسلامي سربراهي ڪانفرنس کي ڏنو ويو آهي، ان تي مخالفت ڌر جي مخالفت قابل مذمت آهي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر مخالف ڌر جي هر ڳالهه مڃيندو ??هي ته ٺيڪ آهي، وفاقي وزير چيو ته ن ليگ جو ميڊيا سيل پي ٽي آءِ جي ڊي پيز ٺاهي فوج جي خلاف مهم هلائي رهيو آهي، فوج ۽ پي ٽي آءِ ۾ وڇوٽيون وجهڻ لاءِ ن ليگ جي اهڙي سازش ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندي. عمران خان جي حڪومت ۽ پاڪستاني فوج ملڪ جي استحڪام جون آئينه دار آهن، فوج حڪومت جي پويان بيٺل آهي.