اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 3 اپريل تي قومي اسيمبلي جي تحليل جي ??يش نظر آئين جي آرٽيڪل 224 (1) اي تحت نگران وزيراعظم جي ??قرري لاءِ موزون شخص تجويز ڪرڻ لاءِ وزيراعظم عمران ا??مد خان نيازي ۽ عهدو ڇڏيندڙ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ميان م??مد شهباز شريف کي خط لکيو آهي. ايوان صدر جي ??ريس ونگ م??ن جاري بيان موجب صدر پنهنجي خط ۾ ٻنهي اڳواڻن کي آگاهه ڪيو ته جيڪڏهن قومي اسيمبلي جي تحليل ٿيڻ جي ??ن ڏينهن جي اندر وزيراعظم ۽ عهدو ڇڏيندڙ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ڪنهن شخص کي نگران وزيراعظم بڻائڻ تي متفق نه ٿين ته ٻه، ٻه، نالا قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي جوڙيل ڪميٽي کي موڪلڻا پوندا جنهن جي جوڙجڪ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر فور?? طور تي ڪندو، اسپيڪر جي جوڙيل ڪميٽي جا ڪل 8 ميمبر هوندا جيڪا عهدو ڇڏيندڙ قومي اسيمبلي يا سينيٽ يا ٻنهي جي ??يمبرن تي مشتمل هوندي. ڪميٽي ۾ حڪومت ۽ مخالف ??ر کي هڪ جيتري نمائندگي حاصل هوندي. خط موجب آئين جي آرٽيڪل 244 (1) اي تحت ڪميٽي جي ??يمبرن جي ??امزدگي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ ڪندا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي خط ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته وزيراعظم عمران ا??مد خان نيازي آئين جي آرٽيڪل 224 (1) تحت نگران وزيراعظم جي ??قرري تائين وزارت عظميٰ جي عهدي تي فائز رهندو. اها ڳالهه قابل ذڪر آهي ته پاڪستان جو آئين، آرٽيڪل 224 (1) اي صدر کي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي ??شاورت سان نگران وزيراعظم جي ??قرري جو اختيار ڏي ٿو.