اسلام آباد – 09 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان شهباز شريف چيو آهي ته اسان ڪنهن کان بدلو نه وٺنداسين پر قانون پنهنجو رستو پاڻ اختيار ڪندو، وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته آئون سڀني ساٿين جو ٿورائتو آهيان، انهن جي ڪوششن ۽ ٻڌي سان هڪ نئون سج اڀرڻ ??ار?? آهي، نئون ڏينهن اچڻ ??ار?? آهي، ??وام جون دعائون الله ٻڌي ورتيون. هن چيو ته گڏيل مخالف ڌر ج?? ڏاهن کي سلام پيش ڪريان ٿو، جن اتحاد، يڪجهتي، نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪيو. شهباز شريف چيو ته اسان ڪنهن کان بدلو نه وٺنداسين، ڪنهن سان ناانصافي نه ڪنداسين ۽ نه ئي ڪنهن کي جيلن ۾ وجهنداسين نه ڪنهن سان ناانصافي ڪنداسين پر قانون پنهنجو رستو پاڻ اختيار ڪندو. ميان شهباز شريف چيو ته آئون آصف علي ز??دا??ي، ??لاول ڀٽو ز??دا??ي، مولانا فضل الرحمان سميت سڀني ساٿين جو ٿورائتو آهيان جن بي اعتمادي رٿ ڪامياب ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون.