ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي امن ?? استحڪام جي لاءِ صوبائي حڪومت کي ڀرپور معاونت فراهم ڪندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال تي اعليٰ سطحي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، مولانا عبدالواسع، مولانا اسعد محمود، بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو، سر??ار محمد اختر جان مينگل، ڪمانڊر 12 ڪور ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي بلوچستان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. وزيرا??ظم چيو ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال اطمينان جوڳي آهي، بلوچستان جي امن ?? استحڪام جي لاءِ نئين وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت کي ڀرپور معاونت فراهم ڪندي.