پشاور – 05 – آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي روينيو واري ??صو??ي معاون تاج محمد خان ترند ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي اي??سا??يز ٽيڪسيشن واري صل??حڪ??ر خليل الرحمان چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت زبردستي ڪشمير جو اسٽيٽس تبديل ڪري غيرمنصفاڻي ۽ بزدلاڻي فعل جو ثبوت ڏنو، اهو عمل ڀارت جي خطي ۾ امن جي خرابي لاءِ ناپاڪ ڏوهن جو ثبوت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي روينيو واري ??صو??ي معاون تاج محمد خان ترند ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي اي??سا??يز ٽيڪسيشن واري صل??حڪ??ر خليل الرحمان ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هنن چيو ته ڪنهن به صورت ۾ ڀارت کي ڪڌن ارادم ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، 5 آگسٽ جي ڪاري ڏينهن کي پاڪستاني عو??م ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪشمير استحصال ڏهاڙي طور ملهائي رهي آهي. هن چيو ته چيئرمين عمران خان ڪشمير جي آزادي جي لاءِ هر ??المي فورم تي آواز اٿاريو، ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي ۽ پاڪستان جو حصو هو، آهي ۽ رهندو.