ڪوئيٽا – 05 – آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو چي?? آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آ??ي جڏهن ڀارت جي حڪمران پارٽي بي جي پي ڀارتي آئين مان آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ??تم ڪندي ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت جو خاتمو ??يو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ ??يو. بلوچستان جي وڏي وزير چي?? ته ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي رياستي دهشتگردي جو نه رڪجڻ وارو سلسلو جاري آهي ۽ ل??ين بيگناهه ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو جنهن کانپوءِ هاڻي ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ??تم ڪندي ڪشميرين جون زمينون کسي انتهاپسند هندوئن کي آباد ڪيو پيو وڃي ۽ مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چي?? ته عالمي برادري کي ڀارت جي ڏاڍ ۽ ظلم جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ اتي گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميرين کي انهن جي راءِ جو حق ڏيڻ گهرجي.