اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجه پرويز اشرف ملتان ۾ جلال پور انٽر چينج ويجهو بس ۽ ٽينڪر جي ٽڪر ۾ قيمتي انساني حياتيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪ??و آهي. ڪالهه پنهنجي پيغام ۾ هن حادثي جي نتيجي ۾ 20 قيمتي انساني حياتيون ضايع ٿيڻ تي متاثر ڪ??نبن سان دلي همدردي ۽ افسوس جو اظهار ڪ??و آهي. اسپيڪر چيو ته زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان. هن چيو ته الله تعاليٰ مرحومن جي مغفرت فرمائي ۽ پونئرن کي صبر عطا فرمائي.