ڪوئيٽه-29 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان آرمي ۽ ايف سي بلوچستان جو سول انتظاميه ۽ پي ڊي ايم اي سان گڏ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪي?? ۽ ??يلف آپريشن جاري آهي. هاڻوڪي برساتن ۽ ٻوڏ بلوچستان جي وڏي آباديءَ کي بُريءَ طرح متاثر ڪيو آهي ۽ ماڻهن جي جاني ۽ مالي نقصان سان گڏ روڊ رستا پڻ متاثر ٿيا آهن، جنهن سبب امدادي ڪمن ۾ ڏُکيائيون پيش اچي رهيون آهن. پاڪستان آرمي ۽ ايف سي بلوچستان صوبي جي سمورن ضلعن ۾ ضلعي انتظاميه ۽ پي ڊي ايم اي سان گڏجي متاثرن جي خدمت ۾ رات ڏينهن مصروف آهن. ريسڪيو ٽيمون ٻوڏ ۾ ڦاٿل هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ريسڪيو ??ري مختلف هنڌن تي منتقل ڪيو آهي. ڪوئيٽه جي علائقي نوان ڪلي ۾ 11 ماڻهو ٻوڏ جي وه??ري ۾ ڦاٿل هئڻ جو اطلاع ملڻ تي پاڪستان آرمي ??يو?? ايشن انتهائي خراب موسم ۽ تيز برسات دوران انهن ماڻهن کي ريسڪيو رڪي محفوظ ماڳ تي منتقل ڪيو. ڪوئيٽه ۾ لاڳيتي برسات سبب متاثر ٿيل ڪينٽ جي ڀرپاسي جي متاثرن کي پوليس لائن ڪوئيٽه ڪينٽ ۾ منتقل ??ري کاڌو ۽ ٻيون ضروري شيون مهيا ڪيون ويون. پاڪستان آرمي ۽ ايف سي بلوچستان ڪوئيٽه، مسلم باغ، چمن، سوئي، مچ، ڊيرا بگٽي، سبي، لهڙي، نصير آباد، بيله، اوٺل ۽ جعفر آباد جي علائقن ۾ رليف ڪيمپس قائم ??ري پڪل کاڌو ۽ ٻيون شيون بسترا فراهم ??ري رهي آهي. ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪوئيٽه، مسلم باغ، سوئي، مچ، ڊيرا بگٽي، سبي، دوبندي، لهڙي، سدوري، ارا جي ضلعن لسٻيلا جي مختلف هنڌن تي فري ميڊيڪل ڪيمپون قائم ??ري مفت علاج لاءِ سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن ۽ روڊ رستن جي جلد بحاليءَ لاءِ سول انتظاميه ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج ط??فان شاهراهن ۽ پُلن جي مر??ت جو ڪم پڻ تيزيءَ سان جاري آهي، حب باءِ پاس شاهراهه کان بيله تائين 6 ٽريفڪ مئنجمينٽ ٽيون مقرر ڪيون ويون آهن، جڏهن ته آر سي ڊي شاهراه کي هر قسم جي اچ وڃ لاءِ کوليو ويو، ميري ۽ لاکڙا روڊ سبي تارکني روڊ جيڪو لينڊ سلائيڊنگ سبب بند ڪيا ويا هئا ٽريفڪ لاءِ کوليا ويا آهن. لنڊا پل ۾ پاڻيءَ جي گهٽ سطح هئڻ تي مر??ت جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. جنهن کي جلد ٽريفڪ لاءِ کوليو ويندو. پاڪستان آرمي ۽ ايف سي بلوچستان پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي ٻوڏ متاثرن جي ريسڪي?? ۽ ??ليف آپريشن ۾ رات ڏينهن مصروف آهن.